اسلام ??با?? – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف شڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي وقت سر ٻاهر ڪڍڻ ۽ مدد تي رينجرز ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي خدمتن ک?? ساراهيندي امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن کي آگاهي ۽ وقت سر حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو ته رينجرز ۽ ريسڪيو جي وقت سر امدادي ڪارروائ?? سان عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهن جي حياتيءَ بچائي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فرض شناس فرزندن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ريسڪيو ادارن کي راوي، چناب ۽ ستلج ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فول پروف انتظامن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن جي آگاهي ۽ وقت سر حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي.