اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ زراعت ۽ غذائي تحفظ تي قومي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف ??رم?? اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪندو. سيمينار ۾ ناڻي، دفاع، منصو??اب??دي ۽ خصوصي قدمن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير، ??مو??ن صوبن جا چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر ۽ اعليٰ عسڪري عملدار پڻ شرڪت ڪندا. گرين پاڪستان قدمن تحت ??مو??ين ڌرين زرعي شعبي جي پائيدار ترقي ۽ ان جي معاشي فائدن مان فائدو کڻي سگهندا. سيمينار ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. زرعي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي مشينري، ٻج، ڀاڻ، مائيڪرو نيوٽريئنٽس ۽ پيسٽي سائيڊز جي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سيمينار کي خطاب پڻ ڪندو ۽ جديد زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي نمائش جو دورو پڻ ڪندو.