اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ??ان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيرا??ظم بل گيٽس ??ان ??حت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيرا??ظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گيٽس وزيرا??ظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ??ي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان ??چائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي ڀرپور جاري رکندو. وزيرا??ظم ۽ بل گيٽس ??ذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان ??چاءُ جي لازمي خدمتن جي فراهمي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيرا??ظم ۽ بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.