اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ??عا??دي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم کڻي چڪا آهيون، اسان آءِ ايم ايف سان وڌ??ڪ گڏيل قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهيون. ٽوئيٽر تي آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽلينا جارجيوا جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽ ڪيو ته توهان سان ملي خوشي ٿي ۽ آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان مسلسل ڳ??له?? ٻولهه بابت لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ٿي. حڪومت آءِ ايم ايف جاري توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ٿي چڪا آهن، اسان آءِ ايم ايف سان گ??يل طور تي وڌ??ڪ قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان جلد کان جلد نائين جائزي جي لاءِ آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري جو شدت سان منتظر آهي.