اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي ??لي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهادت ماڻيندڙ نائب صوبيدار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، سپاهي جهانگير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزي??اع??م واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته انهن بهادر جوانن چوڪيءَ ??ي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند ??وج جا بهادر جوان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ ??ي آبياري ڪري رهيا آهن.