اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آءِ ٽي واري وزارت جي پهرين کان جاري ترقياتي منصوبي ٽيڪنالاجي پارڪ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ 54 ڪروڙ رپيا رکيا آهن. ان منصوبي جي منظور ٿيل خر??ن جو ڪا??و 13 ارب 72 ڪروڙ 70 لک 70 هزار رپيا لڳايو ويو. ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ 11 ارب 79 ڪروڙ 76 لک 34 هزار رپين جا پرڏيهي فنڊز پڻ خرچ ٿيندا.