اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 4 جون تي جارحيت ج?? شڪار معصوم ٻارن جو عالمي ڏينهن مل??اي?? ويو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ڪشمي??ي ٻارن جي خراب حالت جي ياد ڏياري ٿو جيڪي ڀارتي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي ڪري مسلسل مشڪلاتن ج?? شڪار آهن. ترجمان چيو ته ڪشمي??ي ٻارن جي هڪ پوري نسل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري يتيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي صدمي جو پڻ شڪار آهن. هن چيو ته ڀارتي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار زخمي ٿيا، انهن مان ڪيترائي اکين جي نور کان مڪمل يا جزور طور تي محروم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻارن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻارن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي تي عمل ڪري ۽ ڪ??مير جي ٻارن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان بچائي. ترجمان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.