رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، 100 ميگاواٽ گبد – پولان بجلي پهچ منصوبو پاڪ ايران لاڳاپن ۾ نئين باب جو اضافو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ قيادت کي گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انقلاب آڻڻو پوندو، اهو مشڪل ڪم نه آهي، بارڊر سيڪيورٽي مڪينزم کي وڌيڪ ٺوس بڻايو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ ڏار وجهندڙن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 100 ميگاواٽ گبد – پولان بجلي پهچ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته اڄ ??اڪ??تان ۽ ايران جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ايران ۽ ??اڪ??تان ٻه ڀائر ملڪ آهن جيڪي اسلام، محبت، ٻڌي ۽ ثقافتي رشتن سان نه رڳو ڳنڍيل آهن پر اسان جي تاريخ صدين تي ٻڌل آهي. هن چ??و ته ايران پاران اڄ اسان جو شاندار استقبال ڪيو ويو جنهن تي آئون ايران جي صدر جو ٿورائتو آهيان. هن چ??و ته اڄ ٻنهي ملڪن پشين مند بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو، اهڙي طرح جون 6 وڌيڪ مارڪيٽون ٺاهيون وينديون ۽ ان نظام سان نه رڳو خطي ۾ خوشحالي ايندي پر ترقي جو نئون سفر شروع ٿيندو. هن چ??و ته هي منصوبو ايران ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ واپاري رابطن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو سنگ ميل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان 100 ميگاواٽ جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو آهي جنهن سان گوادرجا شهري فائدو کڻندا. هن چ??و ته بدقسمتي سان هي منصوبو ڪيترن ئي سالن کان التوار جو شڪار هو ۽ اها دير ايران پاران نه پر ??اڪ??تان پاران هئي. هن چ??و ته ايران ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، ان حوالي سان ايران جي صدر سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪئي ويندي. اسان ان ۾ ايندڙ مشڪلات ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪندا??ين. وزيراعظم چيو ته اڄ ايران جي صدر سان شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي پڻ ڳالهه ٿي اهي جنهن تي ايران جي صدر اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ اسان جي ٽيم جلد تهران ويندي ۽ اسان کي اميد آهي ته ايران مان به اسان جا ڀائر ??اڪ??تان ايندا. وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ان کي ڀائراڻي درخواست ڪئي آهي ته اسان جي اسيمبلي جو مدو 16 آگسٽ تي ختم ٿي يوندو، مون کي پوري اميد آهي ته هو ان مدي جي ختم ٿيڻ کان اڳ ??اڪ??تان ايندو ۽ اسان کي ميزباني جو موقعو فراهم ڪندو، ??اڪ??تان جي عوام ان جي دوري جي منتظر آهي. شهباز شريف چيو ته ايران ۽ ??اڪ??تان اسلام، ٻڌي ۽ محبت جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ان محبت ۽ رشتي جي عڪاسي نه ٿا ڪن تنهن ڪري اسان کي ان ڏس ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال جو ذڪر ڪندي چيو ته علامه اقبال کي ايران ۾ اقبال لاهور جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، هن پنهنجي شعرن ۾ چيو هو ته ”تهران هوا گر عالمِ مشرق ڪا جنيوا…. شايد ڪره ارض جي تقدير بدل جائي“ اهڙي طرح ايران جي شاعر محمد تقي بهار ??اڪ??تان جي لاءِ شاعراڻي انداز ۾ دعا ڪئي هئي ته ”الله اسان جي ڀائر ملڪ ??اڪ??تان تي رحمتون نازل فرمائي ۽ ??اڪ??تان کي هر قسم جي ڏک ۽ پريشاني کان پري رکي، ??اڪ??تان تي ڪا آنچ نه اچي“. وزيراعظم چيو ته هي اهي محبت ڀريل خيال آهن جيڪي ايران ۽ ??اڪ??تان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ آهن. وزيراعظم چيو ته 1947ع ۾ جڏهن ??اڪ??تان آزاد ٿيو ته ايران پهريون ملڪ هو جنهن ??اڪ??تان کي فوري طور تي تسليم ڪيو ۽ جڏهن ايران ۾ 1979ع ۾ انقلاب آيو ته ??اڪ??تان پهريون ملڪ هو جنهن انقلاب ايران جي تائيد ڪئي، اها اسان جي تاريخ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي هن تاريخي ڏينهن اسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ قيادت کي گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انقلاب آڻڻو پوندو، اهو مشڪل ڪم نه آهي. هن چ??و ته ايران جي صدر ابراهيم رئيسي اڄ تمام گهڻي موزون ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايران ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ سرحد محبت، ٻڌي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سرحد آهي، اها امن ۽ سلامتي جي علامت آهي تنهن ڪري بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن جي ذهن ۾ ڪوبه شڪ نه هجڻ گهرجي، ٻئي ملڪ ان سرحد کي امن ۽ سلامتي جو بارڊر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سموري صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندا. هن چ??و ته مون ان حوالي سان تجويز پيش ڪئي هئي ته بارڊر سيڪيورٽي مڪينزم کي وڌيڪ ٺوس بڻايو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ ڏار وجهندڙن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي سگهجن. هن ايران جي صدر کي يقين ڏياريو ته هو ??اڪ??تان واپس وڃي ان حوالي سان هڪ اجلاس منعقد ڪندو ۽ ايران جي صدر جي تجويزن جي روشني ۾ ”جوائنٽ سيڪيورٽي مڪينزم“ جي حوالي سان مناسب قدم کنيا ويندا. وزيراعظم ان موقعي تي ايران جي سپريم ليڊر ۽ ايران جي عوام کي ??اڪ??تان جي عوام پاران سلام پيش ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترقي جو هي سفر تيزي سان منزلون طئي ڪندو. توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گبد پولان ٽرانسميشن لائين رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪئي وئي، ان منصوبي سان ??اڪ??تان ۽ ايران جي وچ ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. هن چ??و ته گوادر جي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ هتي صنعتي ترقي ٿيندي. توانائي واري وفاقي وزير منصوبي جي افتتاح تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن چ??و ته برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي باوجود هي منصوبو رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو، هن منصوبي سان ??اڪ??تان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.