اسلام آباد – 18 ??? اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فر??هم ڪئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کان جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظ?? لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي در??ن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.