اسلام ??با??-21 مارچ (اي پي پي) اسلام ??با?? سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا اسلام ??با??، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪن??ن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش ??ار?? علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام ??با?? ۾ زلزلي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت ??ار?? وفاقي وزير ??بدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام ??با?? جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظاميه ڪن??ن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي وزير ??ين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.