ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چي?? آهي ته پاڪ??تا?? آبادي ??ي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، جيڪڏهن آبادي ??ي ضابطو نه آندو ويو ته 2050ع تائين پاڪ??تا?? جي آبادي 36 ڪروڙ ٿي ويندي. هو انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ (آئي بي ايم) جي اهتمام هيٺ پاپوليشن ريسر?? ڪانفرنس 2023ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول ثمينه عارف علوي چي?? ته آبادي ۾ اضافي سان پاڪ??تا?? کي وڏو چئلينج درپيش آهي، آبادي ۾ اضافي جي نتيجي ۾ شهرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، وسيلن جي کوٽ ۽ وسيلن جي اڻبنرابري ورڇ جهڙا آبادياتي چئلينجز جنم وٺي رهيا آهن جنهن سان غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي. هن چي?? ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي تعليم، خوراڪ، رهائش ۽ صحت جي مناسب سهولتن تائين پهچ نه آهي. هن چي?? ته ڳوٺاڻي علائقن جي عورتن ۾ ڄم جي روڪ جون گولين بابت آگاهي نه آهي ۽ ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ پهچ مشڪل آهي. خاتون اول چي?? ته عورتن کي بااختيار بڻائي ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪري وڌيڪ آبادي ??ي ڪري پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي تڪرار کي جزوي طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. پاڪ??تا?? ۾ آبادي ۾ اضافي جي اهم موضوع تي ڪم ڪرڻ تي آئي بي ايم کي ساراهيندي هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪئي ۽ انتظاميا کي چي?? ته تحقيق جا ن??يج?? لاڳاپيل ڌرين سان شيئر ڪيا وڃن ته جيئن ان مسئلي جي حل لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي سگهجن.