اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جانيون زيان ٿيڻ تي تعزيت ۽ همدردي جو ا??هار ڪرڻ وارن دوست ملڪن جو ٿ??رو ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم چيو ته هو دوست ملڪن پاران مشڪل جي ان گهري ۾ يڪجهتي جي اظهار جو قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ان عزم جو ا??هار ڪيو ته پاڪستاني عوام جي تعاون سان اسان دهشتگردن کي چيڀاٽي ڇڏينداسين ۽ پنهنجي زمين تان انهن جو خاتمو ڪنداسين.