اسلام ??باد-24 جنوري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سڀاڻي ڀارت جي ??وم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته هو پنهنجي ??طن تي ڀارت جي ??بضي کي رد ڪن ٿا. ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني ۽ ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ آزادي پسند جماعتون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جو چيئرمين مسرت عالم بٽ دهليءَ جي بدنام ??مانه تهاڙ جيل مان پنهنجي ??يغام ۾ ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن ۾ مل??ث آه??، ان کي پاڻ کي وڏو جمهوري ملڪ قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. ٻي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان ڪشميري عوام ??ي زور ڀريو ته هو ڀارت جي ??ومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين. تهاڙ جيل ۾ نظربند پنهنجي ??يغام ۾ ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني ۽ زبردستي قبضي جي ??ذمت ڪندي ڀارتي حڪمرانن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي سياسي قسمت جو فيصلو آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ذريعي ڪرائڻ جي ??نهنجي ??عدن باوجود ڪشميري عوام ??ي اُمنگن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ لاءِ پُرتشدد رستي جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته عالمي برادريءَ جي اها ذميداري آهي ته هو ڀارت جي ڪشمير تي غير قانوني قبضي جو سنجيدگيءَ کان نوٽيس وٺي. هوڏانهن ڊيموڪريٽو فريڊم پارٽي پڻ ڪل جماعتي ڪانفرنس جي ??ڙتال جي سڏ جي ??ڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ان جي ??ادرِ وطن تي ڀارت جي غير قانوني ۽ زبردستي قبضو انهن لاءِ ناقابل قبول آهي. ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ موتن ۽ تباهيءَ ۾ مل??ث آهي ۽ ان لکين ڪشميرين کي بندوق جي زور تي يرغمال بنائي رکيو آه??، ان کي يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.