اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪست??ن چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ ??ائ??نگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري فوت ۽ 17 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب اهڙي قسم جا افسوسناڪ واقعا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن م??جب نه آهن. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته افغان عملدارن کي آگ??هه ڪي?? ويو آهي ته اهڙن واقعن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ذميوارن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. ترجم??ن چيو ته سرحد تي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپيل عملدار ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رابطي ۾ آهن ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي ۽ ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.