آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ توانائي جي ??عبي ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جو شعبو موجوده حڪومت جي ??ولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي ??در ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي ??عبي ۾ تعاون جي ??والي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي ??در الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، زراعت، رابطي ۽ توانائي جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻهن جي ??حالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انهن جي ??وزگار جي ??حالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لاءِ يوريا جي ??رآمد ضروري هئي. آذربائيجان جي ??در ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي ??اطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجان جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ان جي ??ڻٿڪ ڪردار کي ساراهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪستان جي ??صولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ صدر الهام عليوف جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي ??زم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدمن جي ??ڳڀرائي جو جائزوورتو. وزيراعظم توانائي جي ??عبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو جيڪو ان جي ??ڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي شعبو آهي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير کي آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تعاون جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آهي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي ??عبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي سطح تي مشاورت جي ??جويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ هم آهنگي جي ??ظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.