اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان مت??ثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ مت??ثرين سان يڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻ??ڏ کان مت??ثر علائقن جو دورو ۽ مت??ثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ??ڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو ٻوڏ مت??ثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ??ري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان مت??ثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.