اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ بوڏ سان ??ورو ملڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ڀائيچاري ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي جڏهن ته نادرا ۽ پاڪستان ??ارماسيوٽيڪل م??نوفيڪچررز ايسوسيئيشن پاران ??زيراعظم ??لڊ ريليف فنڊ ۾ 12 ڪروڙ رپيا ۽ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون عطيو ڪيون ويون. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وفدن سان ??لاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان ??ادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو. چيئرمين قاضي محمد منصور دلاور جي سربراهي ۾ پاڪستان ??ارماسيوٽيڪل م??نوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد پڻ وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي ۽ وزيراعظم ??لڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 2 ڪروڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو. پاڪستان ??ارماسيوٽيڪل م??نوفيڪچررز ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون پڻ عطيو ڪيون. ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن آفت کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ??ومي يڪجهتي جي ذريعي هن مشڪل وقت جو مقابلو ڪنداسين، پوري قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف متاثر علائقن ۾ دوائن جي ضرورت جو تعين ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ??ارماسيوٽيڪل م??نوفيڪچررز ايسوسيئيشن سان گڏجي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. پاڪستان ??ارماسيوٽيڪل م??نوفيڪچررز ايسوسيئيشن ضرورت پوڻ تي وڌيڪ دوائون عطيو ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو. اسلامڪ ريليف جي گلوبل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم احمد جي سربراهي ۾ وفد پڻ وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي. وفد ۾ اسلامڪ ريليف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي ۽ ڪنٽري ايڊووڪيسي اسپيشلسٽ رضا قاضي پڻ موجود هو. اسلامڪ ريليف وزيراعظم کي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سٽيلن ??ي ريليف جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي 3 ڪروڙ پائونڊ عطيو جمع ڪرڻ جي هدف بابت پڻ آگاهه ڪيو.