اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي ۽ تازي ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير متاثرن جي بحالي ۽ امدادي عمل ۾ امداد ??ي آڇ ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ?? تازي غير معمولي ٻوڏ واري صورت??ال موسمي تبديلي ??و نتيجو آهي، رڪارڊ برساتن وڏي پئماني تي تباهي پکيڙي آهي، حڪومت عوام جي جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته عالمي برادري جي ڀرپور شرڪت سان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ?? آمريڪا ۾ گهڻا رخي اقتصادي لاڳاپا آهن، پاڪستان جي معيشت کي سخت فيصلن سان صحيح رخ تي گامزن ڪيو آهي.