اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه ??ن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر عل??ئقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ فضائيه ط??فان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جي ايئر موبلٽي ڪ??انڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن عل??ئقن تائين امدادي سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ض??ور??مند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پاڪ فضائيه ط??فان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ فضائيه جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.