لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي وا??اريل ??مون ۽ ڪشمير جي مسلمانن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڀارت پاران ڪشمير جي مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ??يو ??ڃي، اسان کي هر پليٽ فارم تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عوام کي اپيل ??ئي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪشمير ۽ ڀارت جي مسلمانن جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ان مسئلي کي حل ڪري ته جيئن ڪشميري آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.