لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ ا??افو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪ?? جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپي?? جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزيراعظم چيو ته اسا?? جي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنه?? جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪ?? جي وقت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستا?? جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستا?? جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.