اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي ع??ائ??ي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر ع??ائ??ي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زو?? جي ??مشنر متاثر ع??ائ??ي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري بلوچستان، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ۽ پي ڊي ايم اي جي ??ائريڪٽر جنرل متاثر ع??ائ??ي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي ع??ائ??ن ۾ باهه وسائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زو?? ۾ هڪ اجلاس جي ??دا??ت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ??مانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي سيڪريٽري جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه جي ??هلاءُ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي باهه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فراهم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جاري آپريشن جي لاءِ ٻ?? هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.