اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ??يو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊي?? صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو اظهار ??يو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جي ل??ءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪ??تا?? ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ??يو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪ??تا?? هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ??وم ۽ ملڪ جي ل??ءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد النهيان جي ل??ءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.