راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار ??يو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويج??و هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 ??نٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن ??يو ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل بابر افتخار ??يو ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿيو ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن ??يو ته پاڪستان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن ??يو ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آف??س لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيندو ته ان باري ۾ ڪا قياس آر??ئي نه ڪئي وڃي.