اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آه??، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آه??، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير م??نس الاهي ۽ آبي وسيلن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي جي انتظام جي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آه??، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آه??، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت آه??. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ملڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آه??، ٻوڏ ۽ ڏڪار ??ي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آه??، اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.