اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يونيورسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ يونيورسٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالمي يونيورسٽين سان ??صيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان ??ياض صدر کي يونيورسٽ?? بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم هيٺ آهن. نسٽ انجني??رن??، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.