ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ا??شو??نس محتسب (ايف ??ئي او) جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ايف ??ئي او شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاقي ا??شو??نس محتسب ٻنهي ڌرين يعني ا??شو??نس پاليسي هولڊرز ۽ ا??شو??نس ڪمپنين جي رضامندي سان وڏي انگ ۾ شڪايتن کي حل ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي ا??شو??نس محتسب جي اهتمام هيٺ ا??شو??نس انڊستري ۾ شفافيت جي اهميت جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال ايف ??ئي او شڪايت ڪندڙن کي 410 ملين رپين جو مالياتي ريليف فراهم ڪيو آهي ۽ هن سال مالياتي ريليف ۾ 2.13 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته مالياتي ريليف ??ا اهي انگ اکر ايندڙ سال 2.30 ارب رپين تائين وڌڻ جي اميد آهي. هن چيو ته شڪايت ڪندڙن کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايف ??ئي او وٽ شڪايتن جي داخلا ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جو ازالو 90 سيڪڙو رهيو ۽ ڪل رجسٽرڊ ڪيسن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪ??سز 60 ڏينهن جي اندر اڪلايا ويا. عوام ۾ وفاقي ا??شو??نس محتسب جي حوالي سان گهٽ آگاهي تي هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل سان 4 کان 5 سيڪڙو ماڻهو هن اداري بابت ڄاڻين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن اداري پاران ڏني ويندڙ خدمتن کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. صدر وفاقي ا??شو??نس محتسب کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بدعنواني جي خلاف متاثر پاليسي هولڊرز کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ا??شو??نس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته قومي جي ڊي پي ۾ ا??شو??نس سيڪٽر جو حصو گهٽ آهي ۽ قومي ناڻي ۾ ان جو حصو وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ مئنيجر ان اسڪيم تحت ا??شو??نس پاليسين جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو آهي، جيڪو ان جي نوڪري جو حصو نه آهي. هن چيو ته اها به انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته بئنڪ مئنيجر معصوم صارفين کي ڦاسائڻ جي لاءِ ا??شو??نس اسڪيمن بابت بئنڪنگ صارفين آڏو حقيقتن کي غلط بيان ڪري ٿو. هن چيو ته هن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي ۽ پاليسي هولڊرز کي دوکيبازي جي سرگرمين کان بچائي سگهجي. بعد ۾ صدر ڪليم سيٽلمينٽ جا چيڪ شڪايت ڪندڙن جي حوالي ڪيا.