اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصور پاڪستان علامه محمد اقبال جي ولادت جي ڏ??اڙ?? تي کيس شاندار خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ عملي قدمن ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ نئون جوش ۽ ولولو ??يد?? ڪيو، علامه اقبال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو مقام ??يد?? ڪرڻ جي لاءِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ڀارت ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ ۽ معتص??اڻ?? سلوڪ ذريعي پنهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هو بحري?? يونيورسٽي ۾ علامه اقبال جي ولادت جي ڏ??اڙ?? جي مناسبت سان منعقد ٻي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر وليد اقبال، بحري?? يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت، رفا?? يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عادل مسعود پڻ خطاب ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ مصور پاڪستان علامه محمد اقبال کي سندس ولادت جي ڏ??اڙ?? تي خراج عقيدت ??يش ڪندي سندس شخصيت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته علامه اقبال مسلمان امت جي نشاته ٿانيه جو تمام وڏو داعي هو، هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ پيغامن ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ آزادي جي حوالي سان جوش ۽ ولولو ??يد?? ڪيو. صدر چيو ته اقبال جا تصور ۽ تخليقون ارتقا پذير رهيون، هو شروع ۾ متحده هندستان جو قائل هو پر بعد ۾ مسلمانن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو ادراڪ ٿيڻ ي هن جدا رياست جو تصور پيش ڪيو. هن چيو ته ان صورتحال ۾ علامه اقبال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. صدر چيو ته هندستان ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ ۽ معتص??اڻ?? سلوڪ ذريعي پنهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، پنهنجي متعص??اڻ?? سوچ ۽ ظلمن هو پاڻ کي باهه لڳائي رهيو آهي. هنچ يو ته نئون دور علم جي حوالي سان تمام تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي.