اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چي?? آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي مشاورتي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آ??ِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نا??ي جي منظوري ڏني وئي جيڪو 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اها ملاقات آءِ ايس آءِ ۾ ڪمان جي تبدي??ي جي وقت ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آ??ِ جي چونڊ بابت وزيراعظم ۽ چي?? آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ جاري مشاورتي عمل جو حصو هئي. ان عمل دوران دفاع واري وزارت کان آفيسرن جي هڪ فهر??ت ملي. وزيراعظم سمورن نامزد آفيسرن جو انٽرويو ڪيو. وزيراعظم ۽ چي?? آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ مشاورت جو حتمي دور اڱاري ڏينهن ٿيو. تفصيلي مشاورتي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آ??ِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نا??ي جي منظوري ڏني وئي. نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.