اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پيڪاهاويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي ??اڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي ٻطرفي ??اڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفارتي ??اب??ن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ?? تعليمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح تي ??اب??ن ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ??اب??ن جو فروغ ٻطرفي ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.