اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ??ازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت طئي ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي ??اءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي ايڪشن پلان جي اعليٰ سطح جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، قومي سلامتي واري صلاحڪار، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي ??ڏن وزير??، آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم، وفاقي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽري??، آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان جي ??ختلف هصن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي پاڙيسري ملڪ افغانستان جي صورتحال ۽ ملڪ تي ان جي ??مڪن اثرن سميت ٻي اڳڀرائي تي غور ڪيو. ڪميٽي نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان جي گهٽ ۽ وچولي مدي وارن هدفن جو جائزو ورتو ۽ سمورين ڌرين بشمول وفاق، صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميوارين ج?? پڻ جائزو ورتو، ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته هر هدف جي بنيادي ڪارڪردگي اعشاريه متعين ڪيا ويندا ته جيئن مقرر وقت ۾ سمورا هدف حاصل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائبر سيڪيورٽي، عدالتي ۽ سول سڌارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي، پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي سان سڌوسنئون واڳيل ٻين سيڪيورٽي چئلينجن کي فوري منهن ڏيڻ جي ??اءِ مختلف قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو. عالمي سلامتي جي ??سئلن بابت اطلاع جي ??قت سر، صحيح ۽ خوش اسلوبي سان وهڪري کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان نيشنل ڪرائسز، انفارميشن، مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي ??يادت گهرو وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪدنيون. اجلاس دوران سي پيڪ ۽ ملڪ ۾ سي پيڪ کان هٽي منصوبن تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي خاص طور تي چيني شهرين جي ??ول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ امن امان جي حوالي سان تازن ڪجهه قدمن سميت ملڪي صورتحال ج?? پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ شرپسند عنصرن کي پوري قوت سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جي ??عنت جي خلاف جنگ ۾ قوم وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. هن ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ هٿياربند فوج، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهم ڪردار ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم زور ڏنو ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي ??اءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي.