اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪر?? ڇڏ??ون?? صدر ڊا??ٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائ?? ڇڏيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر وفاقي ??يڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي ه??ي. ??سڪينڊل ۾ ايف بي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وفاقي ??يڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي ه??ي. ??يف بي آر صدر جي حڪمن ۽ وفاقي ??يڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وفاقي ??حتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.