اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معامل?? ۽ ??لا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪند?? افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪستا?? ۽ ??طي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران ??ي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته عالمي برادري ک?? افغان عوام سان ??ڏ بيهڻ گ??رج??، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گ??رج?? ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مراعتون ڏيڻ گ??رج??. وزيراعظم افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو ته اهي صورتحال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀارت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان پاڪستا?? ۽ ??رطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ??ي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام ۽ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.