اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گ??ڻ قومي سهڪار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي امن فنڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ واري?? ڪوششن لاءِ اسان جي سياسي، افرادي ۽ مالي مدد جار?? رکڻ واري ارادي کي ظا??ر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستا?? ڪورونا وائرس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.