اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا آڊيٽر جنرل ??ف پاڪستان جي اداري کي وڌيڪ بااختيار، خودمختيار ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ قانوني ترميمون ڪرڻ ۽ سنڌ ??وبي ۾ ضمني چونڊن جي تڪن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پاڪستان رينجرز مقرر ڪرڻ سميت 15 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.