اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عمل?? جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن سان مستقبل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسان کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پ??ز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گ??رجي، مون به ماسڪ پاتو آهي ۽ عوام کي به عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ گ??رجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گ??رجن ۽ سماجي فاصل?? جو خيال رکڻ گ??رجي.