ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪابل جي صدارتي محل پهچي ويو جتي افغ??ن صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گار?? آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا جنهن کانپوءِ وزيراعظم افغ??ن صدر سان گڏ گار?? آف آنر جو معائنو ڪيو. افغ??ن صدر اشرف غني ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. صدارتي محل ۾ وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪابل پهچڻ تي افغان جو پرڏيهي وزير محمد حنيف اتمر ۽ افغ??ن صدر جو پاڪستان لاءِ خصوصي نمائندو محمد عمر دائود زئي ۽ سينئر عملدارن وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي.