اسلام آباد ??? 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ??اڪ??ر جاسو مل ٽي ليماڻي جي سربراهي ۾ چار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پاڪستان ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه مان تقريبن 15 ملين ڳٺڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپهه جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان جي تعداد 7 ملين تائين محدود ٿي وي?? آهي ۽ معياري ٻ?? ۽ جديد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪري آبادگارن ۾ متبادل فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪ?? آهي. آبادگارن ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيستائين معياري ٻ?? جي نئين ورائٽي ۽ جديد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن نه آهي.