اسل??م آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ??ئي آهي ته سردين ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان بچڻ جي لاءِ فيس ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ت?? ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ پاڪستان تي مهربان آهي ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان محفوظ رکيو آهي. هن ان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ت?? سردين ۾ ان جي ٻي لهر اچي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان قوم جي هر فرد کي هدايت ??ئي ته اهي فيس ماسڪ پائين ۽ عوامي جاين تي وڃڻ کان احتياط ڪن.