اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا ۾ ڊاڪٽر?? جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد مشڪل ڪم نه آهي، ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سان گڏ اين آءِ ايڇ ۾ نئين تعمير ٿيل آئيسوليشن اينڊ اسپيشل ڊپارٽمينٽ سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا بابت صورتحال ۾ ترتيبوار بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ?? 40 ??ينهن ۾ آئسوليشن اسپتال مڪمل ڪئي وئي آهي، اسان جون تياريون مڪمل آهن، ايندڙ هفتي وز??را??ظم آئسوليشن اسپتال جو افتتاح ڪندو.