اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ??الاريل ڪ??مير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ??شميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪ??ي رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن جي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪ??ي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم رکيو آهي.