اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ٿيلسيميا ۾ ??رت?? ٻارن جي لاءِ عوام کي رت جي عطين جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽرانسپورٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فرا??مي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ??يو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم نيڪيءَ آهي، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي عطيي تي هوندو آهي، رت جو عطيو ڏيندڙن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ايف نائن پارڪ ۾ قائم ٿيلسيميا سينٽر جي دوري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.