اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي وبا جي خلاف جنگ ۾ مدد لاءِ ڪرونا وائرس رليف فنڊ 2020ع قائم ڪيو ويو آه??، هر شخص کي ان فنڊ ۾ عطيو ڏيڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته سڀ ان فنڊ ۾ حصو وجهن ته جيئن انهن ماڻهن جي سارسنڀال ٿي سگهي جن کي لا?? ڊائون بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنهنجا قا??ل ٽيڪس عطيا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ڪراچي ۾ مرڪزي برانچ ۾ ا??ائ??نٽ نمبر 4162786786 تي موڪلين، ا??ائ??نٽ جي مڪمل تفصيل ۽ عطين جي منتقلي جي حوالي سان هدايتون www.nbp.com.pk/covidfund/index.aspx تي دستياب آهن.