اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس پروگرام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن ميمبرن ۽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستا?? جي بورڊ ميمبر?? جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي قدم?? جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، پاڪستان ڪرونا وائرس فري ملڪ آهي، ملڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.