اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ڪشميرين سان پنج مهينن کان جاري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪراري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، ڪابينا عالمي فورمز تي ڪشميرين جو ڪيس بهتر انداز ۾ وڙهڻ تي وزيرا??ظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪشميرين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، ??زيرا??ظم جنوري جي پهرين هفتي بنيادي ضرور?? جي شين تي 6 ارب روپيا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪمزو?? طبقن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪارڊ جاري ڪندو، وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ??يڊ??ا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ۾ گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.