اسلام آ??اد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آ??اد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو آهي، مستحق خاندان اٽي جو تحفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان حاصل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آ??اد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ??ي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظار جي زحمت کان بچڻ جي لاءِ مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمب?? 8171 تي پ??هن??و سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پ??هن??ي اهليت جانچي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ??وش?? ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ??وش?? ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي فراهمي جي وقت عوام کي ڊگهي قطار جي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??هن??ي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آ??اد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آ??اد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽرڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽي اسڪور (پي ايم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو حاصل ڪري سگهندو، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آ??اد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ??ي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمب?? 8171 تي پ??هن??و سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پ??هن??ي اهليت جانچي سگهن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري نمبر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.