اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي س??هه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائ?? اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل ??زي??اعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي ??زي??اعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائ?? اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. ??زي??اعظم جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ س??هه ڏيڻ بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ ??زي??اعظم عمران خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ٺوس سياسي ڍانچي ج?? اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ??زي??اعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.