اسلام آباد- 04 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لوئر ڪرم ۾ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته وڳوڙي ??ريون فساد پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ??رين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڪرم ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت چيو ته وڳوڙي ??ريون عوام جا دشمن آهن ۽ جهڙا پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ??رين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي، صدر مملڪت ڊپٽي ڪمشنر سميت فائرنگ ??ي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.