اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ آذربائيجان جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ ٿيل ??ان?? نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي سفير خضر ف??هادوف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ پ??ڪس??ان جي پارليامينٽ ۽ عوام آذربائيجان جي پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، آذربائيجان ۽ پ??ڪس??ان جو عوام هڪٻئي سان محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ جڙيل آهن، پ??ڪس??ان ۽ آذربائيجان هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حادثي ۾ فوت ٿيل ??اڻ??ن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اسپيڪر سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪ??ا.