اسلام آباد- 28 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ج?? ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلدي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ جي نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، اوور بلنگ ڪنهن به صورت قبول جوڳي ناهيم اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وز??راعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري پڌرائي مطابق وز??راعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن، وز??راعظم بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ج?? چيف ايگزيڪٽو آفيسرن ج?? مقرري جي عمل ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته انتهائي شفاف عمل ذريعي بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ج?? چيف ايگزيڪٽو آفيسرن ج?? مقرري جو عمل جلدي مڪمل ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ افرادي قوت جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي وڃي ?? ڀرتين ج?? عمل ۾ شفافيت تي ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويند. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته نيپرا جو ڏنل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. اجلاس دوران لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (??يس??و) جي معاملن ج?? جائزو ورتو ويو. پڌرائي مطابق اجلاس کي ليسڪو، پيسڪو ۽ ??يس??و جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مالي سال 25-2024ع ۾ نومبر تائين ليسڪو جي ريڪوري 96.82 سيڪڙو، پيسڪو جي ريڪوري 87.98 سيڪڙو ۽ ??يس??و جي ريڪوري 97.57 سيڪڙو رهي آهي. مالي سال 25-2024ع ۾ نومبر تائين ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لاسز جي حوالي سان ليسڪو 13.04 سيڪڙو، پيسڪو 33 سيڪڙو جڏهن ته ??يس??و 6.01 سيڪڙو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ليسڪو کي 22365 ٿري فيز سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن ج?? مان 49470 لڳايا ويا آهن اهڙي طرح پيسڪو کي 152559 سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن ج?? مان 51173 لڳايا ويا آهن جڏهن ته ??يس??و کي 192311 سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن ج?? مان 11276 لڳايا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ليسڪو، پيسڪو ۽ ??يس??و جي صارفين کي شڪايتن ج?? ازالي ۽ ٻين خدمتن ج?? حوالي سان ڪال سينٽرز، اي ميلز، ويب سائٽس، انٽريڪٽو وائس ريسپانس، نيپرا جي موبائل ۽ ويب سروسز جون سهولتون حاصل آهن. بجلي جي فراهمي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايتن ج?? حوالي سان هيلپ لائن 118 جي سمورن موبائل فون آپريٽرز کان مفت پهچ يقيني بڻائي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال نومبر تائين ليسڪو 99.2 سيڪڙو، پيسڪو 99.9 سيڪڙو ۽ ??يس??و 99.7 سيڪڙو تائين شڪايتون حل ڪيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن بابت وفاقي وز??ر احد خان چيمه، وفاقي وز??ر پاور ڊويزن سردار اويس احمد خان لغاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي وز??ر سزا فاطمه، ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن به شرڪت ڪئي.